کان
ڏيک
سنڌي
[ترميميو]بُڻڀياسُ
[ترميميو]اُچارُ
[ترميميو]حرف جَر
[ترميميو]کان
- ذريعي خاص طور ڪنهن ماڻهُوءَ (اسم يا ضمير) ڏانهن اشارو ڪري ٿو.
- تو مون کان ڪتابُ ورتو.
- هُنَ سليمَ کان پُڇيو.
- اصل ماڳ، آغازِي نُڪتي، وقت، عرصي يا زمانَ ڏانهن اِشارو ڪري ٿو.
- هن جي ڪمري ۾ پَٽَ کان ڇِتِ تائين ڪتابَن جو ٿَهو آهي.
- مَلهَہ راند ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين مشهُور آهي.
- ڪڙاهِيءَ کان پري ٿِي بِيهُہ.
- آئُون پنجن ڏينهن کان بيمار پيو آهيان.
- ان ڏينهن کان وٺِي اسان ٻَئِي دوستَ آهيُون.
- ڌڪارَ لاءِ استعمال ٿيندو آهي.
- مون کي تو کان نفرتَ آهي.
- سنڌ پاڪستان کان ڌار ٿيڻ چاهي ٿِي.
- جي لحاظ سان
- تنهنجو خيال عقل کان خالي آهي.
- جي مدد سان، جي ذريعي
- تو کان ڪجھہ ڪو نہ ٿيندو.
- هن مون کان گھڻو ئي ڪم ورتو.
حرف جملو
[ترميميو]کان
- صفتُن جِي ڀيٽَ لاءِ استعمال ٿيندو آهي.
- عمر ۾ هُو مون کان وڏو آهي.
- ان کان ڪجھہ نہ هوڻ ئي بهتر آهي.