چَرخو
ڏيک
چَرخو: سٽ ڪتڻ جو هڪ اوزار، جيڪو ’اَرٽ‘ يا ’اَئٽ‘ جي عام نالن سان به مشهور آهي. آڳاٽي وقت ۾ چرخو گھر ۾ سُٽ ڪَتڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. پر هاڻي ان جو رواج گهٽجي ويو آهي ۽ صرف ڪن ذاتين وت رائج آهي. مثلاً: ڪوري، ميمڻ، شيخ وغيره ڪٿي ڪٿي چرخا هلائين ٿا. چرخي ۾ ونگ، ڏور ۽ ٽَڪَ نالي سان خاص حصا ٿيندا آهن. آهي.
- ’نار‘ ۽ ’هرلي‘ کي به چرخو چوندا آهن، جيڪو هيٺاهين سطح تي وهندڙ پاڻيءَ کي مٿانهين زمين تي پهچائڻ جو بهتر ۽ مؤثر ذريعو آهي