اُٺن ۽ مڙسن جي واڙ ٿئي ڪا نہ
ڏيک
(اُٺن ۽ مڙسن جي واڙ، ٿئي ڪا نہ کان چوريل)
سنڌي
[ترميميو]اُچارُ
[ترميميو]بُڻڀياسُ
[ترميميو]پهاڪو
[ترميميو]اُٺن ۽ مڙسن جي واڙ ٿئي ڪا نہ
- رڍن، ٻڪرين ۽ ننڍن جانورن کي واڙڻ لاءِ لوڙهو ڦيرائي ٺاهيل جاءِ يعني واڙي ۾ رکندا آهن. اُٺ، مينهن، ڏاند، ڍڳيءَ جهڙن وڏن جانورن کي ڪِلن سان ٻڌندا آهن، پر ننڍن جانورن کي ڪلن ۾ ٻڌڻ بدرآن واڙي ۾ واڙيندا آهن. اُٺ وڏو جانور ٿئي ٿو، ان ڪري واڙ بدران کليل جاءِ تي ٻڌندا آهن، مٿير مڙس بہ ڪنهن جي سڳي، ڌاڳي يا غلاميءَ ۾ نہ رهندا آهن. ان ڪري ئي تہ چوندا آهن تہ اٺن ۽ مڙسن جي واڙ ٿِئي ئي ڪا نہ.