آفريڪي پھاڪا
ڏيک
هي پهاڪا ۽ چوڻيون گهڻو ڪري آفريڪا جي، سوماليا، ماريطانيا، موراڪو، سوڊان، گهانا، سينيگال ۽ نائجيريا ملڪن واري پاسي ڪتب اچن ٿيون.
- ڪنهن ڪتي سان دوستي ٿي وڃڻ جو اهو مطلب ناهي ته لٺ ڀڃي ڇڏجي.
- ماکيءَ ۾ هٿ وجهڻ وارو، آڱريون چٽڻ تي مجبور ٿئي ٿو.
- بيوقوف جي دل هن جي وات ۾ هوندي آهي ۽ عقلمند جو وات هن جي دل ۾.
- ڀاڄوڪڙ ڪتي کي ڏنڊو وهائي ڪڍڻ سولو آهي.
- پيٽ ڀرجڻ کانپوءِ جيڪو کائي ٿو، اهو پنهنجي قبر ڏندن سان کوٽي ٿو.
- دولتمند ڪتو به ”صاحب“ سڏجي ٿو.
- ان کان وڌيڪ بدنصيب ڪهڙو ماڻهو هوندو، جنهن کي سندس پاليل جانور به ڏاڙهين.
- جن پکين کي ڦاسائڻ چاهيو ٿا انهن کي ته نه ڊيڄاريو.
- ان ڪنجوس جهڙا نه ٿيو، جيڪو دفن ڪرڻ وارن لاءِ سڄي عمر بچائي رکي ٿو.
- بيضي جي ڇا مجال جو پٿرن سان وڙهي.
- اهو ڪتو جيڪو هڏو نٿو وٺي پڪ مئل آهي.
- ٻليءَ کي پنهنجي گهر ۾ شينهن جا ڏند ٿين.